صحت جي عالمي اداري آفريڪا کي پوليو کان پاڪ قرار ڏئي ڇڏيو

نيويارڪ: صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) آفريڪا کي پوليو کان پاڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب صحت جي عالمي اداري باقاعده اعلان ڪيو آهي ته آفريڪا جي 47 ملڪن ۾ پوليو جو خاتمو ٿي ويو آهي جنهن ۾ علاج نه ٿيڻ جوڳي معذوري ٿي سگهي ٿي. صحت جي عالمي اداري ان حوالي سان لاڳيتو سرٽيفڪيشن جو اعلان به ڪيو آهي. آفريڪا ۾ وائلڊ پوليو جو آخري ڪيس 4 سال اڳ نائيجيريا جي اتر اوڀرين حصي ۾ سامهون آيو هو.واضح رهي ته پوليو اها موذي بيماري آهي جيڪا ٻارن جي ريڙهه جي هڏي تي حملو ڪري ان کي سڄي زندگي جي لاءِ معذور بنائي ڇڏيندي آهي. 1950 جي ڏهاڪي ۾ ويڪسين تيار ٿيڻ تائين دنيا جي مختلف حصن ۾ ملندي هئي پر ايشيا ۽ آفريڪا جي غريب ملڪن جي لاءِ هي ويڪسين پهچ کان ٻاهر هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔