ٽنڊومحمدخان ۾ ماتمي جلوسن جو سلسلو جاري، ياحسين عه جون صدائون بلند

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان ۾ محرم الحرام دوران ماتمي جلوسن جو سلسلو جاري يا حسين يا حسين جون صدائون بلند شھر جي مختلف امام بارگاھن تي مجلس عزا ٿي گذريون، شھر جي مريد فقير جي پڙ تان ذوالجناحن جو وڏو قافلو بر آمد ٿيو جيڪو مختلف پڙن تان ٿيندو مرڪزي مير جي پڙ تي ماتم ڪيو ويو.

 ٻي طرف شھر ۾ ماتمي جلوسن جي گذر گاھن تي سبيلون پڻ ھنيو ويون، شھر  ۾ ماتمي جلسن جي نگراني لاءِ پوليس پاران سرڪٽ ڪئميرائون پڻ لڳايون ويون، ماتمي جلوسن جي گذر گاھن تي چيڪنگ سخت ڪئي وڃي ٿي.

 ٻي طرف مومنين پاران ٽنڊو محمد خان حيسڪو تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته دوران ماتمي جلوسن جي لائيٽ مڪمل طور بند ڪئي جنھن ڪري عزاداري ڪرڻ ۽ مجلس عزا وقت مشڪلات ٿئي ٿي، اعليٰ عملدار نوٽيس وٺي لوڊ شيڊنگ ختم ڪرائي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔