پاڪستاني ويب سيريز(چڙيلز) جو خاڪو فرانسيسي آرٽسٽ جي خاڪي مان چورايل نڪتو

لاهور: تازو ئي زي فائيو جي چينل زندگي ٽي وي تي رليز ڪيل پاڪستاني ويب سيريز چڙيلز تي خاڪو چوري ڪرڻ جو الزام لاڳو ڪيو ويو آهي.

مائيڪرو بلاگنگ سائٽ ٽوئٽر تي هڪ صارف الزام لاڳو ڪيو آهي ته پاڪستاني ويب سيريز چڙيلز جو السٽريشن خاڪو اصل ۾ فرانسيسي آرٽسٽ جي ٺاهيل خاڪي جو چربو آهي. آمنه طارق نالي صارف چيو آهي ته ويب سيريز چڙيل جي شروعات ۾ جنهن السٽريشن يعني خاڪي يا تصوير کي ڏيکاريو ويو آهي اهو هڪ فرانسيسي آرٽسٽ مليڪا فيوري جي خاڪي جي ڪاپي آهي. جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا صارفين طرفان چڙيلز جي ٽيم تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. ۽ صارفين جو چوڻ هو ته پاڪستاني ويب سيريز جي ٽيم کي ڪنهن جي محنت کي ائين ڪاپي نه ڪرڻ گهرجي ها.

آمنه طارق جي ٽوئٽ تي فرانسيسي آرٽسٽ مليڪا فيوري به ڪمنٽ ڪيو ۽ لکيو ته اهو غلط آهي. ياد رهي ته پاڪستاني ويب سيريز چڙيلز جي هدايتڪاري عاصم عباس ڏني آهي. جنهن جي ڪهاڻي 4 عورتن جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪي ڌوڪو ڏيڻ ۾ ملوث مڙسن کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڳجهي جاسوس ايجنسي کوليندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔