حيسڪو حيدرآباد جي ڪيترن ئي علائقن کي بجلي فراھم ڪرڻ ۾ ناڪام ؛ پُراڻي نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو

حيدرآباد : حيسڪو سنڌ جي ٻئين وڏي شهر حيدرآباد جي ڪيترن ئي علائقن کي بجلي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام، ڳوٺ لالو لاشاري جي رهواسين طرفان پُراڻي نيشنل هاءِ وي تي حيسڪو خلاف مظاهرو، ٽن ڏينهن کان بجلي جي بندش خلاف مظاهري دوران مڇريل ماڻهن طرفان ٽائرن کي باهيون، حيسڪو انتظاميا خلاف نعريبازي، مظاهرين چيو آهي ته بجلي نه هجڻ سبب سندن جيئن حرام ٿي ويو آهي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود حيسڪو اختياريون بجلي بحال نه ٿيون ڪن، ڳوٺاڻن طرفان فوري طور بجلي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔