ڳڙهي خدابخش ۾ سيپڪو وارن جون زيادتيون وڌي ويون، رهواسين جو احتجاج، ڌرڻو

نئون ديرو : ملڪ جي سلامتي ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيندڙ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي آخري آرامگاهه واري ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ سيپڪو پاران بجلي 18 کان 20 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف زاهد لغاري، قاسم، مختيار لغاري، الطاف، نور مصطفيٰ، مهدي رضا، ابل ڀٽو، محمد علي ڀٽو، دلشاد چانڊيو، پير بخش، سعود دايو، امير ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي رهواسين سيپڪو خلاف ريلوي ڦاٽڪ وٽ سکر – لاڙڪاڻو، نئون ديرو – رتوديرو روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو.

جڏهن ته مڇريل ماڻهن روڊ جي چئني طرفن کان رڪاوٽون رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي. جتي ڳالهائيندي مٿين اڳواڻن جو چوڻ هو ته هر مهيني بجليءَ جا بل به جمع ڪرايون ٿا ان باوجود هٿرادو ڳرا ڊڊڪشن بل اماڻي اسان کي قرضي بڻايو پيو وڃي جڏهن ته ڪنڊا ڪنيڪشن وارن کان سيپڪو جا ملازم في ڪنيڪشن تي 2 کان 5 هزار روپيا اوڳاڙي ڪن ٿا ۽ هر مهيني بجليءَ جي مد ۾ لکين روپيا پئسا ڏيڻ باوجود به شهيدن جي اباڻي ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي بجلي هٿرادو طور 18 کان 20 ڪلاڪ بند ڪري شديد گرمي ۽ ٻوسٽ ۾ عوام کي ايذائي رهيا آهن. گهرن ۾ بيمار پيرسن، عورتون ۽ ٻارڙا شديد گرميءَ سبب بيحال بڻيل آهن. بجلي نه هجڻ ڪري هن ڳوٺ جا ڳوٺاڻا ذهني مريض بڻجي ويا آهن. 

هوڏانهن ڳڙهي خدابخش ڀٽو واسين پاران سيپڪو خلاف ريلوي ڦاٽڪ وٽ لڳايل احتجاجي ڌرڻي دوران مظاهرين پاران ايندڙ ويندڙ ماڻهن سان جهڙپون پڻ ٿيون، ڌرڻي دوران مريض کڻي ويندڙ شهريءَ سان چڪريون لٺبردار مظاهرين شهر جي جوڳي پاڙي جي رهواسي نواب کوکر کي لٺيون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن دوران موجود ماڻهن کيس ڇڏائي نئون ديرو اسپتال پهچايو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد زخميءَ کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔