حالتن مان لڳي ٿو ته 15 سيپٽمبر کان اسڪول کوليا ويندا: تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود

اسلام آباد: 7 سيپٽمبر تي بين الصوبائي تعليمي وزارتن جي اجلاس ۾ 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ يا نه کولڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو، وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته حالتن مان لڳي ٿو ته 15 سيپٽمبر کان اسڪول کوليا ويندا، 7 سيپٽمبر تي حتمي فيصلو ٿيڻ بعد صحت کاتي طرفان اسڪول کولڻ لاءِ ايس او پيز جاري ڪيا ويندا، ڪورونا سبب تعليمي شعبو سخت متاثر ٿيو آهي، هيڪ جي آن لائين ڪورسز ۾ به ڏکيائيون پيش آيون ۽ گيلپ سروي جي رپورٽ موجب 80 سيڪڙو شاگرد ٽيلي تعليم کان محروم آهن، حڪومت اِن مسئلي کي به حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شفقت محمود چيو ته حڪومت ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب آڻڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي، صوبائي حڪومتن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌُرين سان صلاح مشورن بعد پهرئين کان پنجين درجي تائين هڪجهڙو تعليمي نصاب تيار ڪيو آهي، هاڻي ماڊل ٽيڪسٽ بُڪ تيار ڪيا پيا وڃن….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔