سپريم ڪورٽ پاران سنڌ حڪومت کي سرڪاري گهرن ۾ غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن کان گهر خالي ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد:سنڌ حڪومت کي سرڪاري گهرن ۾ غيرقانوني طور ترسيل ماڻهن کان گهر خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ، سُپريم ڪورٽ غيرقانوني الاٽمينٽ رد ڪري ميرٽ تي سرڪاري گهر ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ حڪومت کان عملدرآمد رپورٽ طلب، ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اي جي سنڌ اعتراف ڪيو ته سنڌ جي 229 سرڪاري گهرن تي غيرقانوني طور قبضو آهي، ڪورونا جي صورتحال سبب گهر خالي ڪرائڻ وارو عمل روڪيو ويو، عدالت ۾ سي ڊي اي جي وڪيل آءِ جي اسلام آباد جو گهر به غيرقانوني طور الاٽ ٿيڻ جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد پوليس سندن 200 ڪوارٽرز تي قبضو ڪيو آهي، ڳالهيون ٿيون پر پوليس قبضو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي اسلام آباد پوليس جي مامري کي به ڏسنداسين..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔