سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سينئر سياستدان حاصل بزنجو کي ڀيٽا پيش

اسلام آباد : بلوچستان سوڌو سمورو پاڪستان اڄ هڪ عظيم ۽ بهادر سياستدان کان محروم ٿي ويو، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بلوچ سياستدان حاصل بزنجو کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ، سرفراز بگٽي، شيري رحمان، مشاهد حسين، رضا رباني، خواجه آصف، شيري رحمان، مولانا عطاءُ الرحمان، راجا پرويز اشرف ۽ ٻين حڪومت توڙي اپوزيشن جي ميمبرز حاصل بزنجو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حاصل بزنجو پنهنجي خاندان، والد ۽ جماعت جي نالي کي جِلا بخشي، حاصل بزنجو بلوچ عوام جي محرومين کي اُجاڳر ڪيو ۽ ڪڏهن به عوامي توڙي جمهوريت سياست تي سوديبازي نه ڪئي، حاصل بزنجو جو مڙهه اڄ بلوچستان جي خضدار واري علائقي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔