ڪراچي ۾ نئون ضلعو ٺاهڻ خلاف متحده، جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ پاران مزاحمت جو اعلان

ڪراچي:ڪراچي ۾ نئون ضلعو ٺاهڻ تي پارلياماني پارٽين سنڌ حڪومت جي فيصلي خلاف مزاحمت جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن ۾ احتجاج سميت عدالت سان رابطو ڪرڻ شامل آهي.

ڪياماڙي ضلعي جي اعلان بعد تحريڪ انصاف، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌ جي ٻين پارٽين سميت سياسي اتحاد جي ڊي اي ڪراچي ۾ ستون ضلعو ٺاهڻ خلاف احتجاج ۽ مزاحمت جو اعلان ڪيو آهي، احتجاج جي ڪري سنڌ ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ ورڪنگ رليشن شپ پڻ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

ان حوالي سان فنگشنل ليگ ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اڳواڻ نصرت سحر عباسي چيو آهي ته جي ڊي اي جا ميمبر سياسي بنيادن تي نئين ضلعي جي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ آواز اٿاريندا، جي ڊي اي ڪياماڙي ضلعي جي قيام کي تڪراري فيصلو سمجهي ٿي، ان معاملي کي سنڌ اسيمبلي ۾ اٿاريو ويندو.

ان ڏس ۾ ايم ڪيو ايم به ڪراچي ۾ ستين ضلعي جي قيام جي مخالفت ڪئي آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ اظهارالحسن چيو آهي ته ان معاملي تي سنڌ اسيمبلي ۾ مذمتي قراداد جمع ڪرائي ويندي، وڌيڪ چيو ته ڪياماڙي ضلعي خلاف عدالت سان سان رابطو ڪيو ويندو ۽ هر سطح تي احتجاج به ٿيندو. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔