حيات بلوچ جو قتل ناقابل قبول آهي، قاتلن کي سزا ملڻ گهرجي:شيرين مزاري

اسلام آباد: انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته حيات بلوچ جي قاتلن کي سزا ملڻ گهرجي

انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي حيات بلوچ جي قتل جي پرزور لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙا سخت ايس او پيز هئڻ گهرجن ته جيئن اڳتي اهڙا واقعا نه ٿين، خاص ڪري بلوچستان ۾ جتي پهريان احساس محرومي موجود آهي.

شيرن مزاري وڌيڪ چيو ته اسان کي اعتراف ڪرڻ گهرجي ته ماحول تبديل ٿي رهيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح تبديل ٿيندو رهندو، بلوچستان ۽ قبائلي ضلعن سميت سموري ملڪ ۾ ڪنهن به شهريءَ تي اهڙيءَ طرح جو تشدد ۽ قتل ڪرڻ جمهوريت ۾ ناقابل قبول آهي، حيات بلوچ جي قاتلن کي سزا ملڻ گهرجي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔