ملڪ ۾ ڪرونا جا 11 لک 790 مريض رهجي ويا

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪرونا وائرس 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 10 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون ۽ 630 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته ايڪٽو ڪيسن جو انگ 11 هزار 790 رهجي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 6 هزار 216 ۽ متاثرن جو انگ 2 لک 91 هزار 588 تائين پهچي ويو آهي. اين سي او سي موجب هيل تائين 2 لک 73 هزار 579 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ايڪٽو ڪيسن جو انگ 11 هزار 790 رهجي ويو آهي. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ هڪ لک 27 هزار 381، ٻئي نمبر تي پنجاب ۾ 95 هزار 958 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 35 هزار 545 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اسلام آباد ۾ 15 هزار 453، بلوچستان ۾ 12 هزار 424، آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 223 ۽ گلگت-بلتستان ۾ 2 هزار 604 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔