وفاقي وزير اسد عمر پاران محرم دوران ڪرونا جا ڪيسز وڌڻ جو خدشو ظاهر

اسلام آباد: وفاقي وزير اسد عمر محرم الحرام دوران ملڪ اندر ڪرونا وائرس جا ڪيسز وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. اسد عمر ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته محرم الحرام دوران احتياط نه ڪيو ويو ته ڪرونا وائرس هڪ ڀيرو ٻيهر پکڙجي ويندو. هن چيو ته اسڪول کولڻ سان به ڪرونا وائرس جَي انگ ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري تمام گهڻو احتياط ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ڪرونا جا ڪيس گهٽ ٿيا آهن پر خطرو اڃا ٽَريو ناهي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر صوبن جَي سهڪار سان تياري ڪئي آهي…….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔