اداڪاره عتيقه اوڍو 9 سالن کانپوءِ شراب هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ آجي قرار

راولپنڊي: اداڪاره عتيقه اوڍو 9 سالن کانپوءِ شراب هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ آجي قرار ڏنر وئي آهي ، راولپنڊي جي مقامي عدالت عتيقه اوڍو وٽان مبينا طور شراب جون 2 بوتلون هٿ اچڻ واري ڪيس تي ٻڌڻي بعد فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت عتيقه اوڍو کي بري ڪندي چيو آهي ته سندس خلاف ڪي به ثبوت نه مليا آهن، 2011ع جي جون مهيني ۾ اداڪاره تي ڪراچي کان اسلام آباد ويندي شراب جون بوتلون هٿ اچڻ جو الزام لڳايو ويو، تڏهوڪي چيف جسٽس افتخار چوڌري طرفان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ بعد ايئرپورٽ تي عتيقه اوڍو خلاف ڪيس داخل ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔