دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 5 هزار 264 انساني جانيون کسي ورتيون

ڪراچي : دنيا ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 5 هزار 264 انساني جانيون کسي ورتيون، 2 لک 22هزار 369 نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ 2 ڪروڙ 27لک 91هزار کان وڌي ويو آهي. برازيل ۾ صورتحال بدستور خراب آهي، جتي هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ هڪ هزار 115 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته 41هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. ڀارت ۾ هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 981 مريضن دم ڏنو، جنهن بعد فوتين جو ڪل انگ 24هزار 975 ٿي ويو آهي. مسيڪيو ۾ 707، ڏکڻ آفريڪا ۾ 195، ايران ۾ 139، روس ۾ 110، عراق ۾87، فلپائن ۾ 88، سعودي عرب ۾ 42 ۽ ترڪي ۾ 19 ڄڻا فوت ٿي ويا. عالمي وبا سبب هيل تائين حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 7 لک 95 هزار 454 ٿي ويو، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔