سعودي عرب سان پاڪستان جا لاڳاپا سدائين سٺا رهيا آهن ۽ رهندا: شاهه محمود قريشي

بيجنگ: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته سعودي عرب سان پاڪستان جا لاڳاپا سدائين سٺا رهياآهن ۽ سٺا ئي رهندا.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته سعودي عرب جو اسرائيل جي معاملي تي سڌو سنئون موقف آهي ۽ اهو انهن جو تاريخي موقف آهي ،۽ سعودي ۽ پاڪستان جا لاڳاپا سدائين بهتر رهيا آهن ۽ انشاءَالله بهتر رهندا.

شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڳالهين ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندس، پرڏيهي وزير جي وانگ زي سان به ملاقات ٿيندي، پاڪستان ۽ چين دنيا جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جا خواهشمند آهن .

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي چين جي دوري دوران اقتصادي راهداري سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي بهادرن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساري سگهندو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جو عزم اڳ کان اڳاهون آهي .

شاهه محمود قريشي جوچوڻ هو ته ڪشمير جي صورتحال ٻنهي ملڪن لاءِ اهميت جوڳي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔