افغان صدارتي محل تي راڪيٽ حملا، ٻه اهلڪار مارجي ويا

ڪابل : افغان صدارتي محل ڀرسان راڪيٽ حملن ۾ ٻن سرڪاري اهلڪارن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي ميڊيا موجب افغان صدارتي محل ڀرسان ڪار ذريعي راڪيٽ حملا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ 2 سرڪاري ملازم شامل آهن، جڏهن ته 16 ڄڻا زخمي به ٿيا.

ميڊيا رپورٽن موجب افغان صدارتي محل ڀرسان ڪار ذريعي 14 راڪيٽ فائر ڪيا ويا، جن مان هڪ ميزائل صدارتي محل جي ڪمپائونڊ ۾ ڪريو، جنهن جي نتيجي ۾ گارڊ آف آنر جا 6 اهلڪار زخمي به ٿيا، جڏهن ته ٻين زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن.

افغان گهرو وزارت جي ترجمان ٻن سرڪاري اهلڪارن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي پر هن گارڊ آف آنر جي اهلڪارن بابت ڪجهه ڄاڻ ناهي ڏني.

ميڊيا رپورٽن موجب افغانستان جي آزادي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ صدر اشرف غني بچاءَ واري وزارت جي عمارت ۾ مينارِ آزادي تي حاضري ڀري، جنهن کانپوءِ راڪيٽ حملا ڪيا ويا.

افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته هيل تائين ڪنهن به گروپ حملن جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔