جاويد اقبال پاران سينيٽ جي انساني حقن جي ڪميٽي ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت

اسلام آباد : نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي سربراهه طور سينيٽ جي انساني حقن فنڪشنل ڪميٽي ۾ في الحال پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.

جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال سينيٽ ڪميٽي جي نوٽيس جو جواب موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ جو احترام ڪيان ٿو ۽ سينيٽ ڪميٽي سامهون پيش ٿيڻ اعزاز هوندو پر اڄڪلهه منهنجي اکين جي آپريشن جو امڪان آهي، اکين جي آپريشن کانپوءِ هڪ هفتو آرام ڪرڻو پوندو، امڪاني آپريشن کانپوءِ ڊاڪٽر هڪ هفتي تائين پڙهڻ لکڻ کان منع ڪري سگهن ٿا.

هن ڪميٽي کي درخواست ڪئي آهي ته 21 آگسٽ جو اجلاس رد ڪيو وڃي.

هوڏانهن سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته جاويد اقبال جي صحتياب ٿيڻ تي اجلاس ٻيهر گهرايو ويندو.

ان کان اڳ سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جسٽس (ر) جاويد اقبال خلاف مهملي واري رٿ آڻڻ جو فيصلو ڪيو هو.

مسنگ پرسنز ڪميشن چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال 17 آگسٽ تي سينيٽ ڪميٽي ۾ پيش نه ٿيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔