وفاقي وزير پاڻ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي جو اعتراف ڪري رهيا آهن:سراج الحق

اسلام آباد: جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته وفاقي وزير پاڻ حڪومت جي خراب ڪارڪردگي جو اعتراف ڪري رهيا آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سراج الحق چيو ته اسد عمر اعتراف ڪيو ته اسان جي حڪومت احتساب نه ڪري سگهي، اسان معيشت درست نه ڪري سگهياسين، اسان جو ميڊيا سان رويو مناسب نه رهيو.

سندس موجب ريلوي واري وزير شيخ رشيد به گڊ گورننس نه هجڻ جو چيو، حڪومت جي پرورش مافياز هٿان ٿيڻ جو چيف جسٽس جو بيان درست آهي، پي ٽي آءِ حڪومت مافيا هٿان يرغمال آهي.

هن چيو ته دوائن، کنڊ ۽ پيٽرول سميت ٻيون مافياز ايتريون ته طاقتور آهن جو وزيراعظم کي عوامي حقن جي قدمن جي روڪين ٿيون، حڪومت جي ٻن سالن دوران غريب ويتر غريب ٿي ويو، جڏهن ته حڪومت ان دوران 14 ارب ڊالرن جو قرض ورتو آهي.

سندس چوڻ هو ته ماضي جي سڀني حڪومتن جيان موجوده حڪومت به ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔