عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ

ڪراچي: مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ سون جي في تولي ۽ 10 گرام جي قيمت ۾ گهٽتائي اچي وئي.

عالمي ۽ مقامي ٻنهي مارڪيٽن ۾ اڄ سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو. ملڪي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون ۽ 10 گرام سون جي قيمتن ۾ ترتيبوار 2300 رپين ۽ 1972 رپين جي گهٽتائي ٿي.

قيمتن ۾ گهٽتائي جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت گهٽ ٿي 1 لک 20 هزار رپيا جڏهن ته 10 گرام سون جي قيمت گهٽ ٿيڻ کان پوءِ 1 لک 2 هزار 88 رپيا ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔