ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

ڪراچي: شهر جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 3 ريڪارڊ ڪئي وئي.

تفصيل موجب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، لوڏا شديد نه هئا پر ماڻهو خوف منجهان ڪلمه طيب جو ورد ڪندي گهرن، دڪانن ۽ آفيسن مان نڪري آيا.

زلزلي پيما مرڪز جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ مقامي وقت موجب شام ملير، لانڍي ۽ ڪورنگي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 3.0 ريڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز ڪراچي جي اتر ۾ 40 ڪلو ميٽر پري هو ۽ سندس اونهائي 10 ڪلو ميٽر هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔