آرمي چيف سان آمريڪي سفير جي الوداعي ملاقات

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان  آمريڪي سفيرپال جونز جي الوداعي ملاقات ٿي آهي  جنهن ۾ آرمي چيف پاڪستان لاءِ آمريڪي سفارتڪار جي خدمتن کي ساراهيو

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي سفير پال جونز جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ۽ آرمي چيف سان ملاقات ڪئي.

الوداعي ملاقات ۾ آرمي چيف پاڪستان لاءِ آمريڪي سفارتڪار جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي .

آمريڪي سفير پال جونز افغان مفاهمتي عمل ۾ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار کي به ساراهيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔