سعودي عرب اسرائيل سان پنهنجا لاڳاپا بحال ڪري : آمريڪا

واشنگٽن: آمريڪا سعودي عرب تي زور ڏنو آهي ته هو اسرائيل سان پنهنجا لاڳاپا بحال ڪري.

پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي موجب آمريڪي صدر جي ناٺي ۽ صلاحڪار جيرڊ ڪشنر هڪ بريفنگ دوران چيو ته متحده عرب امارات جيان سعودي عرب به اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪري ڇو ته هي ان جي مفاد ۾ هوندو.

صدر ٽرمپ جي صلاحڪار چيو ته سعودي عرب جي ان قدم سان هنن جو گڏيل دشمن ايران ڪمزور ٿيندو ان ڪري اِهو سعودي دفاع جي لاءِ بهتر هوندو جڏهن ته ان سان فلسطيني عوام کي به مدد ملندي.

جيرڊ ڪشنر جو چوڻ هو ته سيڪيورٽي ۽ اقتصادي نقطه نظر سان ڏٺو وڃي ته اسرائيل سان لاڳاپا وچ اوڀر جي ملڪن جي مفاد ۾ آهن ۽ ڪيترائي سي سي ملڪ ان سلسلي ۾ وڏو بريڪ ٿرو به چاهن ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل ۽ متحده عرب امارات جيان لاڳاپا قائم ڪرڻ ايران جي لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري ان کي ورهائيندو ڇو ته سعودي عرب ۽ اسرائيل جو گڏيل دشمن ايران آهي جنهن تي دهشتگرد گروپن جي مدد جو الزام آهي.

آمريڪي صدر جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته جيڪڏهن توهان انهن ماڻهن جو جائزو وٺو جيڪي سعودي عرب ۽ اسرائيل جي وچ ۾ امن معاهدو نٿا چاهن ته انهن مخالفن جي وڏي انگ جو تعلق ايران سان آهي ان ڪري ان مان اِها ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اِهو بهتر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔