سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جا 2 لک 49 هزار مريض صحتياب

اسلام آباد: ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا جا 2 لک 69 هزار 87 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

اين سي او سي موجب 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 488 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ۽ 7 مريض فوت ٿي ويا. ملڪ ۾ ڪورونا جي ايڪٽيو ڪيسن جو انگ 13 هزار 953 جڏهن ته وقت تائين 2 لک 69 هزار 87 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

اين سي او سي موجب سنڌ ۾ 1 لک 26 هزار 182 ڪورونا ڪيس، پنجاب ۾ 95447، خيبرپختونخواهه 35215، گلگت بلتستان 2502، بلوچستان ۾ 12295، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جا 2184 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.

24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 22 هزار 448 ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون، سڄي ملڪ جي 735 اسپتالن ۾ ڪورونا جا 1307 مريض علاج هيٺ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔