سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 5 مريض فوت ٿي ويا

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 5 مريض فوت ٿي ويا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8094 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 318 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 5 مريض فوت ٿي ويا آهن، صوبي ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 2336 ٿي ويو آهي، هن وقت تائين 906323 نمونن جي جاچ ڪئي وئي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 392 مريض صحتياب ٿي ويا، هن وقت 4166 مريض علاج هيٺ آهن، ڪراچي ۾ 133 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، سانگهڙ ۾ 20، ميرپورخاص ۾ 14، شڪارپور ۾ 13، ٽنڊوالهيار ۾ 9، دادو ۾ 8، بينظيرآباد ۾ 8، گهوٽڪي ۾ 8، سکر ۾ 7، خيرپور ۾ 7، مٽياري ۾ 7، قمبر ۾ 5، لاڙڪاڻي ۾ 4، ٽنڊو محمد خان ۾ 4، عمرڪوٽ ۾ 3، بدين ۾ 3، حيدرآباد ۾ 2، ڄامشورو ۾ 2، نوشهرفيروز کان 2 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔