پارليامينٽ ۾ گن پوائنٽ تي قانون سازي ڪئي پئي وڃي: نفيسا شاهه

اسلام آباد : پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ سڀني ادارن جي آئيني حقن کي خراب طريقي سان پامال ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾ سينيئر اڳواڻ مولا بخش چانڊيي ۽ ملڪ جي سڀني صوبن، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اطلاعات سيڪريٽرين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نفيسا شاهه چيو ته تحريڪ انصاف جا مختلف چهرا آهن ۽ انهن جي تباهين جا عڪس ڏسو ته پاڪستان جا جيترا به جمهوري ادارا آهن، هڪ هڪ ڪري سڀني جي آئيني حقن کي خراب طريقي سان پامال ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته حڪومت ايندي ئي پهريون حملو ميڊيا تي ڪيو، کين خبر هئي ته جيڪڏهن اسان آواز دٻايون ته تباهين، زيادتين، ڪوڙ ۽ يوٽرن تي عوام اڳيان نه اچي سگهندو، تنهن ڪري اڄ تائين ميڊيا سان زيادتيون ٿي رهيون آهن، ڪجهه ميڊيا مالڪ جيل ۾ آهن، صحافين کي کنڀيو پيو وڃي، ڪيترن ئي صحافين جون نوڪريون ختم ڪيون ويون آهن ۽ اهي يوٽيوب تي پنهنجا پروگرام ڪري رهيا آهن.

سندس موجب هن فاشسٽ حڪومت ملڪ جي سياست تي به هڪ سنگين حملو ڪيو ۽ اهڙو ادارو، جيڪو آمرن جي ايجاد هو، جنهن جو نالو نيب آهي کي استعمال ڪيو ويو ۽ ڪيئن توشه خانه ڪيس ۾ نه رڳو اسان کي عدالت وڃڻ کان روڪيو ويو پر پاڻ وڪيلن ۽ ججن کي روڪيو ويو، انهن اهڙي طريقي سان سياسي انجنيئرنگ ڪئي آهي، جنهن جو ذڪر اسان جي ججن به پنهنجي فيصلن ۾ ڪيو آهي، هنن صدارتي محل کي استعمال ڪيو ۽ عدليا تي حملي جي ڪوشش ڪئي ۽ اڄ به عدليا دٻاءَ جو شڪار آهي.

نفيسا شاهه چيو ته پارليامينٽ ۾ به حڪومت ڪارروائيون روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، قانون سازي رڳو ان وقت ٿيندي آهي، جڏهن ڪا ٻاهرين ايجنڊا هوندي آهي، جيئن هاڻ ايف اي ٽي ايف جو معاملو آهي، تنهن ڪري گن پوائنٽ تي قانون سازي ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جتي اپوزيشن جي حڪومت آهي ۽ جڏهن اسان انهن جي غير آئيني ڳالهين جي نشاندهي ڪيون ٿا ته هڪ ٻيو حملو ٿي وڃي ٿو، هاڻ به توهان ڏٺو هوندو ته ڪراچي تي ڪهڙي طريقي سان حملا ٿي رهيا آهن پر انهن جي اهي ارادا پورا نه ٿيندا.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ ايم ايف کانپوءِ هاڻ پي ٽي آءِ ايم ايف اي ٽي ايف جي حڪومت راڄ ڪري رهي آهي ۽ اهي اهڙا ٻه قانون آڻي رهيا آهن جو سڀاڻي اسان جا ڪاروبار بند ٿي ويندا، مني لانڊرنگ جي آڙ ۾ نيب کان وڌيڪ ڪريل ڪم ڪرايا ويندا.

ان موقعي تي مولا بخش چانڊيي چيو ته هن افلاطون اچڻ سان ئي عجيب ۽ غريب ڳالهيون ته سونامي آڻيندس ۽ منهنجو ان تي پهريون بيان موجود آهي ته اها سٺي ڀيٽ ناهي، ڇو ته سونامي انسانن لاءِ موت جي علامت آهي، مان حڪومت اچڻ جي پهرين ڏينهن کان خوش نه هيس.

هن چيو ته هيءَ انوکي لاڏلي جي حڪومت آهي پر دنيا ۾ ڪو به فرد يا حڪومت اهڙي ناهي، جن کان نه پڇيو ويو ۽ احتساب نه ڪيو ويو، انهن جي حساب جو ڏينهن به جلدي ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔