في تولي سون جي اگهه ۾ اوچتو 2900 رپين جي واڌ

ڪراچي: مقامي سونارا مارڪيٽ ۾ في تولي ۽ 10 گرام سون جي قيمت ۾ ترتيبوار 2900 رپين ۽ 2487 رپين جي واڌ ٿي آهي.

عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ اڱاري ڏينهن (اڄ) به سون جي اگهن ۾ واڌ جو رجحان غالب رهيو، عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس 24 قيراط سون جي قيمت ۾ وڌيڪ 30 ڊالرن جي واڌ ٿي ۽ عالمي بازار ۾ سون جي في اونس قيمت وڌي 2005 جي ڊالر تي سطح تي اچي وئي، ٻئي پاسي ملڪي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي ۽ 10 گرام سون جي قيمتن ۾ ترتيبوار 2900 رپين ۽ 2487 رپين جي واڌ ٿي.

اگهن ۾ واڌ جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت وڌي 1 لک 22 هزار 300 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت ۾ واڌ کان پوءِ 1 لک 4 هزار 853 رپين جي سطح تي اچي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔