بابر اعظم جو وڏو ڪارنامو، ٽنهي فارميٽن ۾ ٽاپ 5 تي موجود دنيا جو اڪيلو بيٽسمين

دبئي : انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ کانپوءِ تازي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت پاڪستاني مڊل آرڊر بيٽسمين بابر اعظم هڪ درجو ترقي سان پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل تازي رينڪنگ ۾ پاڪستاني رانديگرن جي درجي بندي ۾ به بهتري آئي آهي ۽ بيٽسمينن ۾ بابر اعظم ڪيريئر بيسٽ پنجين پوزيشن تي واپس اچي ويو آهي، جڏهن ته بالنگ جي شعبي ۾ محمد عباس ٻه درجا بهتري کانپوءِ اٺين پوزيشن تي پهچي ويو آهي.

آءِ سي سي موجب پاڪستاني ون ڊي ڪپتان بابر اعظم دنيا جو اڪيلو بيٽسمين آهي، جيڪو هڪ ئي وقت ٽنهي فارميٽن ۾ ٽاپ 5 بيٽسمينن ۾ شامل آهي.

نوجوان بيٽسمين بابر اعظم ٽيسٽ ۾ پنجين، ون ڊي ۾ ٽئين ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ پهرين پوزيشن تي آهي.

ٽيسٽ بيٽسمينن جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو اسٽيون سمٿ پهرين، ڀارت جو ورات ڪوهلي ٻئي، جڏهن ته آسٽريليا جو مارنوس لبوشين ٽئين نمبر تي موجود آهي.

بالرن ۾ آسٽريليا جي پيٽ ڪمنز جو پهريون، انگلينڊ جي اسٽيورٽ براڊ جو ٻيو ۽ آسٽريليا جي نيل ويگنز جو ٽيون نمبر آهي، جڏهن ته پاڪستان جو محمد عباس ٻه درجا بهتري سان اٺين نمبر تي پهچي ويو آهي.

آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان 153 پوائنٽن سان پنجين، جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم 279 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔