چين پاران تيار ڪيل ڪوونا وائرس کان بچاءُ واري ويڪسين وڌيڪ آزمائشن ۾ به ڪامياب

بيجنگ: چيني حڪومت جي سرپرستي ۾ تيار ڪيل ڪورونا وائرس کان بچاءُ واري ويڪسين(ناول ڪورونا وائرس ويڪسين) ٻئي مرحلي جي طبي آزمائشن يعني فيز ٽو ڪلينيڪل ۾ به ڪاميابي حاصل ڪري چڪي آهي.
جرنل آف دي آمريڪن ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي تازي شماري ۾ ان حوالي شان شايع ٿيل رپورٽ موجب هي ويڪسين چائنيز اڪيڊمي آف سائنسز جي نگراني ۾ ووهان انسٽيٽيوٽ آف وائرولوجي، ووهان انسٽيٽيوٽ آف بايولاجيڪل پروڊڪس ۽ چائنا نيشنل بايوٽيڪ گروپ گڏيل طور تي تيار ڪئي آهي.
ڪورونا وائرس جي ٻين ويڪسين جي مقابلي ۾ هي ويڪسين ان لحاظ سان مختلف آهي ڇو ته هن ۾ غير موثر ٺاهيل ڪورونا وائرس بطور ويڪسين جي طور تي استعمال ڪئي وئي آهي هن ويڪسين کي ٻين ويڪسين جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر قرار ڏنو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔