اپوزيشن تحريڪ انصاف جي ٻن سالن کي ”تباهي“ قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد : اپوزيشن جماعتن تحريڪ انصاف حڪومت جي ٻن سالن کي تباهي قرار ڏئي ڇڏيو.

اپوزيشن اڳواڻن ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي تحريڪ انصاف حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو ٻن سالن جو دور بنا امتياز تباهي رهيو، پرڏيهي پاليسي کان ويندي معيشت تائين حڪمرانن جي بدانتظامي عوام جون پريشانيون وڌائي ڇڏيون، عوام سياسي انجنيئرنگ جي ان ناڪام تجربي جي ڳري قيمت ادا ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته 2018 ۾ جي ڊي پي 5.8 سيڪڙو هئي پر 2020 ۾ جي ڊي پي ڪاٽو 0.45 سيڪڙو ٿيڻ سان لکين ماڻهو بيروزگار ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي غربت جي جهنم ۾ وڃي چڪا آهن.

سندس چوڻ هو ته کنڊ، اٽي ۽ دوائن جا اگهه ٻيڻا ٿي چڪا آهن، هر ڪنهن جي آمدني ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي ٿي آهي.

هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻن سالن ۾ عمران خان تاريخ جي بدترين معيشت ڏني، ڪشمير کان سعودي عرب تائين پرڏيهي پاليسي ناڪام رهي.

هن چيو ته جمهوريت ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون ويون، بيروزگاري بلند ترين سطح تي پهچي وئي ۽ عمران خان جي ٻن سالن جي اقتدار ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب اڳ کان وڌيڪ ڪرپشن ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔