ڪپتان ڪريز تي ڄمي چڪو آهي ۽ هاڻي ڊگهي اننگز کيڏندو: وفاقي وزير اسد عمر

اسلام آباد : رٿابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وزيراعظم سڀني بحرانن مان نڪري آيو آهي، تنهن ڪري مخالف ٻڌي ڇڏين ته هاڻ ڪپتان ڪريز تي ڄمي چڪو آهي ۽ ڊگهي اننگز کيڏندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته گذريل ٻن هفتن کان آبادي جي شرح سان بنگلاديش ۾ پاڪستان کان چنئوڻ تي فوتگيون ٿيون، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ڀارت ۾ ٻارهوڻ ۽ ايران ۾ ويهوڻ تي فوتگيون ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته ڪورونا پاڪستان جي معيشت کي گهٽ ڪيو، مارچ کان جولاءِ تائين بنگلاديش جي برآمد گذريل سال کان 31 سيڪڙو گهٽ ٿي ۽ ڀارت ۾ ان ئي عرصي دوران 33 سيڪڙو گهٽ برآمد ٿي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ان ئي عرصي دوران 20 سيڪڙو گهٽ برآمد ٿي.

سندس موجب اپوزيشن ۽ ميڊيا چئي رهي هئي ته ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ۽ عمران خان پهرين ڏينهن کان لاڪ ڊائون نه پئي چاهيو، اسان روزگار جي فراهمي ۽ امداد جا تڪڙا موقعا فراهم ڪيا.

اسد عمر چيو ته ڪورونا بابت سمورا فيصلا گڏجي ڪيا ويا، حڪومت ثابت ڪيو ته ملڪي مفاد ۾ سڀني کي گڏ کڻي هلي سگهون ٿا، ڪمزور ترين طبقن جي مدد عمران خان جو مشن آهي، اسان لاڪ ڊائون ۾ به غريبن کي وڌيڪ اهميت ڏني.

هن چيو ته عمران خان ٻين کي گڏ کڻي هلڻ خاطر اين آر او ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، وزيراعظم سڀني وڏن بحرانن مان نڪري آيو آهي ۽ مخالف ٻڌي ڇڏين ته ڪپتان ڪريز تي ڄمي چڪو آهي، تنهن ڪري ڪپتان هاڻ ڊگهي اننگز کيڏندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔