جيڏو به ڏکيو وقت اچي عوام جو ساٿ نه ڇڏينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 24 سالن جي جدوجهد اڃا ختم ناهي ٿي، مديني جي فلاحي رياست جي تصور کي عملي شڪل ڏيڻ چاهيان ٿو.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ حڪومت کي ٻه سال مڪمل ٿيڻ تي وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ وزيراعظم جي پهچڻ تي ميمبرن ڊيسڪ وڄائي ۽ عمران خان کي مبارڪون پيش ڪيون.

ان موقعي تي حڪومت جي معاشي ۽ سفارتي ڪاميابين تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ ملڪي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪابينا کي سفارتي ڪاميبين کان آگاهه ڪيو ۽ ڀارت سميت خطي ۾ جاري اهم معاملن تي روشني وڌي، جڏهن ته ترقي ۽ رٿابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر ملڪي ترقي لاءِ حڪومتي منصوبابندي کان آگاهه ڪيو.

ذريعن موجب ڪابينا پيٽرول بحران تي قائم انڪوائري ڪميشن ۾ 2 نوان ميمبر شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني، ان کانسواءِ ڪابينا پي ٽي وي ملازمن تي لازمي سروسز ايڪٽ لاڳو ڪرڻ جي به منظوري ڏني.

اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان ڏکئي وقت ۾ محنت سان ڪاميابي حاصل ڪئي، 24 ورهين جي جدوجهد اڃا ختم ناهي ٿي، جيڏو به ڏکيو وقت ايندو، عوام جو ساٿ نه ڇڏينداسين، معاشري جي ڪمزور طبقي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ڪمزور طبقي لاءِ سوچڻ اصل ايمان آهي.

هن چيو ته مديني جي فلاحي رياست جي تصور کي عملي شڪل ڏيڻ چاهيان ٿو، تعليمي نصاب ۾ مديني جي فلاحي رياست جو تصور شامل ڪنداسين، تعليم واري وزير کي چيو آهي ته نصاب ۾ مديني جي رياست جو تصور شامل ڪيو وڃي، شروعاتي طور اٺين ۽ نائين درجي لاءِ نصاب تيار ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔