آءِ پيز سان معاهدو ٿي ويو، هاڻي بجلي جو اگهه گهٽ ٿيڻ شروع ٿيندو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جو انڊيپنڊنٽ پاور پروڊيوسرز (آءِ پي پيز) سان نئون معاهدو ٿي ويو جنهن سان بجلي جي لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي.

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته آئون  پنهنجي قوم کي هن جي 73هين يوم آزادي تي واڌايون پيش ڪيان ٿو، قائد جي پاڪستان جي طرفان اسان جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، قانوني جي حڪمراني ۽ همدردي جي بنياد تي هڪ اسلامي فلاحي رياست ڏانهن گامزن آهي.

وزير اعظم چيو ته ڪورونا وائرس جي خلاف ڪاميابي سان منهن ڏيڻ تي قوم کي واڌايون پيش ڪيان ٿو، نقد امداد ۽ اسمارٽ لاڪ ڊائونز جي ذريعي اسان پنهنجي غريبن جي حفاظت ڪئي.

وزير اعظم ٻڌايو ته حڪومت جا ٻه وڏا بار هئا جنهن مان هڪ قرض هو ۽ ٻيو توانائي جو شعبو هو جيڪو مهانگي بجلي جي بڻائي رهيو هو، اسلله جو شڪر آهي آمدني وڌڻ شروع ٿي وئي، جولاءِ ۾ ٽيڪس آمدن هدف کان وڌيڪ رهي جڏهن ته برآمدات به وڌي رهيا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ به مٿي هلي وئي، حالتون وڌيڪ بهتر ٿينديون، گذريل حڪومتن مهانگا معاهدا ڪيا هئا جنهن سان قرض وڌي ويا هئا ۽ حڪومت کي ڳرو خسارو ٿي رهيو هو، حڪومت ۽ خانگي بجلي گهرن جون ڳالهيون جاري هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔