مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن لاءِ نشانِ پاڪستان ايوارڊز جو اعلان

ڪراچي : جشن آزادي جي موقعي تي صدر طرفان زندگي جي مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جي مڃتا طور مختلف شخصيتن لاءِ نشانِ پاڪستان ايوارڊز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. راڳ جِي راڻي عابده پروين ۽ شاعر احمد فراز کي نشانِ امتياز ڏيڻ جو اعلان، اديب تاج جويو، ڪهاڻيڪار مهتاب محبوب، گلوڪار محمد علي شهڪِي، علي ظفر، اداڪار همايون سعيد، سڪينه سمون، مولانا طارق جميل، زاهد نور پراچه ۽ ذوالفقار علي لُنڊ پرائيڊ آف پرفارمنس لاءِ نامزد، اداڪار طلعت حسين، بشريٰ انصاري، سلطانه صديقي، پروفيسر ڊاڪٽر خالد محمود، ڪراچي ۾ يتيم ٻارن لاءِ خدمت ۾ زندگي وقف ڪندڙ رُٿ ليوِس ۽ عدنان اسد علي کي ستاره امتياز ڏيڻ جو اعلان، 24 شخصيتن کي ستاره شجاعت، 27 شخصيتن کي ستاره امتياز ۽ 44 شخصيتن کي پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊز 23 مارچ 2021 تي ڏنا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔