ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ وارو خيال دماغ مان ڪڍيو وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ وارو خيال دماغ مان ڪڍيو وڃي.

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه آبپاشي صوبائي وزير سهيل انور سيال سان گڏ سيوهڻ جي شهر جوهي پهتو. وڏي وزير ٻوڏ واري پاڻي مان متاثر جوهي، واهي پانڌي، روڊ ۽ ايف پي بند جو معائنو ڪيو.

سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايف پي بند ۾ 8 ماڳن تي گهارو لڳو، قمبر شهداد ڪوٽ کان منڇر ڍنڍ تائين مينهن مان ڪافي نقصان ٿيو، متاثرن جي رهائش لاءِ چار هزار ٽينٽس جي ضرورت آهي جنهن مان 33 سئو ٽينٽ تيار ٿي چڪا آهن، جوهي کي آفت ورتل علائقو قرار ڏنو ويو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته آئين ۾ ڪٿي گنجائش ناهي ته ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن جي دماغ ۾ ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي هوا ڀرريل آهي ته هو دماغ مان ڪڍي ڇڏي، جيڪڏهن ڪو اهڙو ايڪشن ورتو ويو ته سنڌ جو عوام ان فيصلي جي خلاف ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔