جائز مطالبن جي حل لاءِ احتجاج جو حق رکون ٿا: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته 18 هين ترميم باوجود صوبن کي حقن ۽ وسيلن کان محروم رکيو ويو، صوبن کي پنهنجا حق ڏنا وڃن. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته جائز مطالبن لاءِ احتجاج جو حق رکون ٿا. سنڌ ۾ گهٽ وسيلن باوجود عوام کي رليف ڏئي رهيا آهيون. ڪراچي ترقي ڪندو ته ملڪ ترقي ڪندو.بلاول چيو ته سنڌ حڪومت عالمي بينڪ کان قرض ورتو آهي، عالمي بينڪ جي سهڪار سان سنڌ حڪومت منصوبو مڪمل ڪيو. پ پ هميشه عوام جي خدمت جي سياست ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔