والاريل ڪشمير ۾ به پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏينهن ملهايو ويو

سرينگر:والاريل ڪشمير ۾ به پاڪستان جي آزاديءَ جو ڏينهن ملهايو ويو.
والاريل ڪشمير جي بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني پاڪستان جي آزاديءَ واري ڏينهن پاڪستاني عوام کي دل جي گهراين سان مبارڪن جو پيغام ڏنو.
سيد علي گيلاني چيو آهي دعا آهي ته اسلام جو قلعو پاڪستان سمورين سازشن کي شڪست ڏئي پيش ايندڙ چئليجن کي مضبوطيءَ سان منهن ڏئي.
ڪل جماعتي حريت ڪانفرنسن اڳواڻن ۽ ٻين ڪشميري جماعتن جشن آزادي ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ ۽ پاڪستان جي آزادي واري ڏينهن کي يوم تشڪر طور ملهائڻ جي اپيل ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔