ايمن ۽ منال مالم جبه گهمڻ نڪري پيون

ڪراچي : پاڪستاني شوبز انڊسٽري جون جاڙيون ڀينرون ايمن ۽ منال خان موڪلون گذارڻ پاڪستان جي خوبصورت سياحتي ماڳ مالم جبه پهچي ويو آهن. ٻئي اترئين علائقي ۾ موجود آهن ۽ خوبصورت جاين تي گهمندي وڊيوز ۽ تصويرون مداحن سان شيئر ڪري رهيون آهن. گذريل ڏينهن ايمن انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي ڀيڻ منال سان هڪ تصوير شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هن هيش ٽيگ ذريعي ٻڌايو هو ته هو 2020ع جي موڪلن تي وڃي رهي آهي جڏهن ته هاڻي هن هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي. جنهن ۾ هو مالم جبه ۾ موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔