سنڌ حڪومت پاران يوم آزادي جي موقعي تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سوار تي پابندي لاڳو

ڪراچي: سنڌ حڪومت يوم آزادي جي موقعي تي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سوار تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب سنڌ حڪومت يوم آزادي جي موقعي تي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي نظر ۾ رکندي موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سوار تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ سنڌ جي گهرو کاتي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سوار تي پابندي ڇنڇر 15 آگسٽ تائين هوندي، جڏهن ته ٻيلهه سوار تي پابندي اڄ کان لاڳو ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔