صنم بلوچ ٻئي شادي ڪري ورتي، ڌيءَ جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل

ڪراچي: پاڪستاني اداڪاره ۽ مارننگ شو جي هوسٽ صنم بلوچ سوشل ميڊيا تي پهريون ڀيرو پنهنجي ڌيءَ جي تصوير شيئر ڪري پنهنجي مداحن کي حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.
صنم بل گذريل ڪافي سالن کان ٽي وي اسڪرين تان غائب آهي ان جو ڊرامو(خاص) گذريل سال نجي چينل تي نشر ٿيو هو ان کان پوءِ صنم بلوچ نه ته ڪنهن ڊرامي ۾ نظر آئي ۽ نه ئي ڪنهن مارننگ شو ۾. پر هاڻ اوچتو هن پنهنجي ڌيءَ جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري پنهنجي چاهيندڙن سان خوشخبري شيئر ڪئي آهي ته هن نه صرف شادي ڪري ورتي آهي پر هاڻ هو هڪ خوبصورت ڌيءَ جي ماءُ به بڻجي وئي آهي.
صنم بلوچ عبدالله فرحت الله سان شادي ڪئي هئي جنهن کان پوءِ هي جوڙي شوبز جي پسنديده جوڙي بڻجي وئي هئي پر 2016 ۾ هنن ٻنهي پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا هئا. ٻنهي جي وچ ۾ عليحدگي ڪهڙي سبب جي ڪري ٿي ان جي باري ۾ ٻنهي طرفان ڪوبه
بيان ڏيڻ کان پاسو ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔