آمريڪي صدارتي اميدوار جوبائيڊن جي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پاليسين تي تنقيد

واشنگٽن: 2020 جي آمريڪي صدارتي چونڊن جي لاءِ ڊيموڪريتڪ پارٽي جي اميدوار جوبائيڊن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پاليسي تي تنقيد ڪندي نئين دهلي کان پابنديون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
مسلم فاربائيڊن پليٽ فارم جي تحت منعقد ورچوئل فنڊريزنگ ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهيون ڪندي جوبائيڊن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن کي جمهوري قدمن جي ابتڙ قرار ڏنو. آمريڪا ۾ مسلمانن جي خلاف نفرت ۽ نسلي امتياز جو اعتراف ڪندي جوبائيڊن يقين ڏياريو ته ان جي انتظاميه ۾ مسلمانن کي هر شعبي ۾ نمائندگي ملندي. ان دوران هن برائي کي روڪڻ بابت رحمت اللعالمين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي حديث پڙهي ٻڌائي ۽ اسلام بابت گهري ڄاڻ جو اظهار ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔