سنجي دت فائيٽر آهي، هن ڀيري به ڪامياب ٿينداسين:؛ منائتا

ممبئي :بالي ووڊ اداڪار سنجيد دت ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر جي سڃاڻپ جي اطلاعن کانپوءِ سندس زال منائتا دت چيو آهي ته سنجو هميشه فائيٽر رهيو آهي ۽ اسان هن ڀيري به ڪامياب ٿينداسين. خيال رهي ته گذريل ڏينهن بالي ووڊ اداڪار سنجي دت کي ساهه ۾ تڪليف تي ممبئي جي نجي ليلاوتي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو جڏهن ته سندس ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ناڪاري آئي هئي ۽ کيس اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو هو. ڀارتي ميڊيا انڪشاف ڪيو هو ته سنجو بابا ۾ ڦڦڙن جي ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي آهي ۽ ڪينسر ٽئين اسٽيج تي آهي ۽ هو علاج لاءِ جلد آمريڪا روانو ٿيندو. سنجي دت ۾ ڪينسر جي تصديق ناهي ڪئي وئي پر هن ٽوئٽر تي چيو هو هو علاج لاءِ فلمي صنعت کان ڪجهه وقفو وٺي رهيو آهي ۽ مداحن کي فڪرمند ٿيڻ يا غير ضروري اطلاع پکيڙڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته مداحن جي محبت ۽ حمايت سان جلد واپس اچي ويندس. هاڻي سندس زال منائتا دت بيان جاري ڪندي دعائن جي اپيل ڪئي آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب منائتا دت پنهنجي بيان ۾ سنجي دت جي جلد صحتيابي لاءِ دعائن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ تي مداحن جا ٿورا مڃيا آهن. منائتا دت چيو ته هن مرحلي تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسان کي طاقت ۽ دعائن جي ضرورت آهي، ماضي ۾ اسان جو ڪٽنب ڏکيائين مان گذريو آهي مان پراعتماد آهيان ته هي وقت به گذري ويندو. هن چيو ته سنجو جي مداحن لاءِ منهنجي درخواست آهي ته هو اڳڪٿين ۽ غيرضروري افواهن جو شڪار نه ٿين ۽ پنهنجي محبت ۽ سهڪار جاري رکندي اسان جي مدد ڪن. هوڏانهن سنجي جي بيماري بابت اطلاعن کانپوءِ سندس زال ۽ ٻار دبئي کان ڀارت پهچي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔