پاڪستان ۾ پاپ موسيقي کي متعارف ڪرائيندڙ ناليواري گلوڪاره نازيه حسن جي وڇوڙي کي 20 ورهيه گذريا ويا

ڪراچي : ملڪ ۾ پاپ موسيقي جو جادو جاڳائيندڙ نازيا حسن کي چاهيندڙن کان وڇڙئي 20 ورهيه لنگهي ويا،نازيا حسن پنهنجي آواز جي جادو سان نئين نسل کي موهي ڇڏيو،سندس گيتن جي گونجار هر ننڍي وڏي جي زبان تي آهي. 3 اپريل 1965 تي ڪراچي ۾ جنم وٺندڙ نازيا آمريڪن ڪاليج آف لنڊن مان گريجوئيشن ڪئي. پي ٽي وي جي مشهور پروگرام سنگ سنگ چلي کان موسيقي جي دنيا ۾ پير پاتو،مشهور گلوڪارا ڪينسر جي موزي مرض سبب 13 آگسٽ 2000 ڌاري هميشه لاءِ وڇڙي وئي. هن ڪيترائي يادگار گيت ڳاتا،جيڪي هاڻ به نوجوان نسل جي زبان تي اڪريل آهن،جن ۾ آپ جيسا ڪوئي ميري زندگي مين آئي،ڊسڪو ديواني،بوم بوم ۽ ٻيا شامل آهن…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔