ملڪ کي مثالي اسلامي فلاحي رياست بنائڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: شبلي فراز

اسلام آباد : سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته مادر وطن کي مثالي اسلامي فلاحي رياست بنائڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ آزادي جي ڏينهن جي حوالي سان تصويرن جي نمائش دوران تقريب کي خطاب ڪندي شبلي فراز چيو ته ماضي جي پاليسين سبب پاڪستان کي گهڻو نقصان پهتو،ماضي جي حڪمرانن ذاتي مفادن کي قومي مفادن تي اوليت ڏني. وفاقي وزير چيو ته موجودهه حڪومت نئين پاڪستان جو ويزن ڏئي ڪري پاڻ کي عوامي ترقي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته قائد اعظم جنهن خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪريو، ان جي ساڀيان اڄ واضح ٿي آهي. شبلي فراز چيو ته اسان جو فرض آهي ته هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان ايندڙ نسل لاءِ ڇڏي وڃون ۽ ملڪ کي هر قسم جي ڪرپشن کان پاڪ ڪنداسين..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔