وزير اعظم اڄ ڪي پي حڪومت جي بي آر ٽي منصوبي جو افتتاح ڪندو

پشاور:وزير اعظم عمران خان اڄ خيبرپختون خوا حڪومت جي ميگا پروجيڪٽ بس ريپڊ ٽرانزٽ جو افتتاح ڪندو. ڪي پي حڪومت پاران 71 ارب رپين کان وڌيڪ لاڳت جي بي آر ٽي منصوبي تحت 220 بسون هلايون وينديون، جن جي ذريعي روزانو ساڍا ٽي لک کان وڌيڪ مسافر سفر جي سهولت حاصل ڪري سگهندا. بهترين سهولتن وارين جديد ايئر ڪنڊيشند بسن ۾ هاڻ پشاور جا شهري سفر ڪري سگهندا، جن ۾ کين واءِ فاءِ ۽ موبائل چارجنگ سميت ٻيون سهولتون ميسر هونديون.ان سان گڏ اسپيشل شهرين لاءِ بسن ۽ اسٽيشنز ۾ الڳ جاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي. مسافرن کان پهرين اسٽاپ تائين 10 رپيا ۽ پنجن ڪلوميٽر جي مسافري تي پنج رپيا ڪرايو وصول ڪيو ويندو. مسافرن جي معلومات لاءِ جديد نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته پليٽ فارمز تي مسافرن جي حفاظت ۽ موثر ڪارڪردگي لاءِ آٽوميٽڪ دروازا لڳايا ويا آهن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔