نيب پاران پارڪ لين اسڪينڊل ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : نيب پارڪ لين اسڪينڊل ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، آصف زرداري کي ڪمپني جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڄاڻائي جوابدار طور نامزد ڪيو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب طرفان ضمني ريفرنس جي شاهدن کي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ضمني ريفرنس ۾ ٻيا 9 جوابدار به نامزد ڪيا ويندا، اسلام آباد جي احتساب عدالت پارڪ لين ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ انور مجيد سوڌو ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو هو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔