خانگي اسڪولز جون تنظيمون 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ واري فيصلي تي عمل ڪن:سعيد غني

ڪراچي : نجي اسڪولز جون تنظيمون 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ واري وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي فيصلي تي عمل ڪن، تعليم واري وزير سعيد غني 15 آگسٽ کان نجي اسڪولز کولڻ وارو اعلان حڪومتي رٽ کي چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته نجي اسڪولز جي اعلان بعد ٻارن ۽ سندن والدين ۾ بيچيني پکڙيل آهي، نجي اسڪولز جا مسئلا وفاق آڏو رکيا ويندا، حڪومت اهڙي ڪابه ڪارروائي نٿي ڪرڻ گهري، جنهن سان نجي اسڪولز ۽ شاگردن کي نقصان ٿئي، اُميد ته نجي اسڪولز جون تنظيمون حڪومت سان سهڪار ڪنديون ۽ 15 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ واري اعلان تي مڪمل عمل ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔