وزيراعظم عمران خان بي آر ٽي پشاور منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو

پشاور: وزيراعظم عمران خان پشاور بس ريپڊ ٽرانزٽ ( بي آر ٽي) منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو

افتتاحي تقريب ۾ منصوبي جي خالف اڳوڻي ڪي پي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ ،محمود خان ، گورنرشاهه فرمان ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي .

وزيراعظم عمران خان کي بي آرٽي سروس بابت بريفنگ ڏني وئي .

 بي آرٽي پشاور جو ٽريڪ 27 ڪلوميٽر ڊگهو آهي ، بي آرٽي جي ٽريڪ تي 220 ائير ڪنڊيشنڊ بسون هلايون وينديون .

 بي آر ٽي بسون سڄو هفتو صبح 6 کان رات 10 وڳي تائين هلايون وينديون

پاڪستان تحريڪ انصاف اهو منصوبو اڍائي سالن ۾ مڪمل ڪيو آهي ، آڪٽوبر 2017 کان وٺي هن وقت تائين هن منصوبي جو اڳ ۾ 8 ڀيرا افتتاح ٿيڻو هو جيڪو نه ٿي سگهيو ۽ نيٺ نائون ڀيرو وزيراعظم عمران خان ان منصوبي جو افتتاح ڪري ورتو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔