بلال سعيد ۽ صبا قمر جي گيت(قبول هي) رليز ٿيندي ئي مشهوري ماڻي ورتي

لاهور: لاهور جي مسجد وزير خان ۾ شوٽنگ سبب تڪرار جو شڪار ٿيندڙ گيت(قبول هي) جي وڊيو رليز ڪئي وئي آهي. ون ٽوريڪارڊ ڪمپني تحت رليز ٿيندڙ هن گيت جي ذريعي صبا قمر ڊائريڪشن جي شروعات ڪئي آهي.گيت بلال سعيد لکيو، ڪمپوز ۽ پروڊيوس به ان ئي ڪيو آهي جڏهن ته ان جي وڊيو ۾ به صبا قمر ۽ بلال سعيد آهن. مذڪوره گيت گذريل ڏينهن 11 آگسٽ تي رليز ڪرڻو هو پر ان کي اڄ رليز ڪيو ويو آهي. يو ٽيوب تي رليز جي صرف ڏيڍ ڪلاڪن جي دوران هڪ لک 34 هزار کان وڌيڪ صارفين ان کي ڏسي چڪا آهن.گيت ۾ صبا ۽ بلال کي هڪ اهڙي شادي شده جوڙو ڏيکاريو ويو آهي جنهن جي شادي کي 2 سال گذري ويا آهن. وڊيو ۾ زال مڙس جي رشتي ۾ اختلافن جي باوجود هڪ ٻئي لاءِ محبت ۽ فڪر منڊي کي اجاگر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔