سوڊان ۾ فوجين ۽ عام شهرين ۾ چڪرين دوران 127 ڄڻا مارجي ويا

خرطوم : وچ ڏکڻ سوڊاني ڳوٺ تونج ۾ هٿيارن جي خاتمي جي آپريشن دوران فوجين ۽ عام شهرين ۾ جهڙپن ۾ 127 ڄڻا مارجي ويا.
اهڙي تصديق فوج جي ترجمان اربع ڏينهن ڪئي.
ميجر جنرل روائي ڪوانگ موجب ڇنڇر ڏينهن ويڙهه ان وقت شروع ٿي، جڏهن سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ عام شهرين کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ هڪ آپريشن ڪيو.
سوڊان ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿيڻ جي 6 ورهين کانپوءِ ۽ هڪ ڪارآمد حڪومت جي غير موجودگي ۾ ڪيتريون ئي برادريون هٿيارن سان ليس آهن.
ميجر جنرل روائي ڪوانگ جو وڌيڪ چوڻ هو ته مارجي ويلن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 45 اهلڪار ۽ 82 مقامي جوان هئا، جڏهن ته 32 فوجي زخمي آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔