چين جي ارب پتي شخص لاءِ دنيا جي مهانگي پندرنهن لک ڊالرن جي ماسڪ جي تياري شروع

بيجنگ: چين ۾ هڪ ارب پتي شخص 15 لک ڊالر لاڳت سان دنيا جو سڀني کان مهانگو ماسڪ ٺهرائڻ جو آرڊر ڏئي ڇڏيو. 3 هزار 607 اڇن ۽ ڪاري رنگ جي قدرتي هيرن سان ٺهيل ماسڪ ۾ اين 99 جو فلٽر نظام به موجود هوندو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب چيني شهر شنگهائي جي هڪ ارب پتي اسرائيلي جيولري ڪمپني کي دنيا جو سڀني کان مهانگو ۽ ناياب ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ ماسڪ جو آرڊر ڏنو آهي جيڪو 18 قيراط جي 250 گرام سوني سان ٺاهيو پيو وڃي.ان ۾ هيرا به لڳل هوندا. يورشلم ۾ واقع لگزري جيولري براڊ جي نمائندي شيرون ڪارو صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته 3 هزار 607 قدرتي اڇن ۽ ڪارن هيرن سان ٺهيل هن ماسڪ ۾ اين 99 فلٽر جو نظام به موجود هوندو جيڪو ڪورونا وائرس کان مڪمل طور تي بچائيندو.هن ماسڪ جي قيمت ڏيڍ ملين ڊالر(15 لک ڊالر) هوندي جيڪو حقيقي طور تي دنيا جو مهانگو ترين ماسڪ هوندو. زيور ٺاهيندڙ ڪمپني موجب آمريڪا ۾ رهندڙ چيني واپاري هن انتهائي مهانگي ماسڪ جو آرڊر ڏيندي 3 شرطون به رکيون آهن جنهن ۾ ماسڪ جو آمريڪي فيڊرل ڊرگ اٿارٽي ۽ يورپي معيارن موجب هوندو، ماسڪ 31 ڊسمبر تائين ڊليوري ڪرڻ ۽ ٽئين شرط ماسڪ دنيا جو مهانگو ترين ماسڪ هجي.جيولري ڊيزائنر اسحاق ليوي ٻڌايو ته ماسڪ کي تيار ڪرڻ جي لاءِ 25 جوهرين جي هڪ ٽيم ٺاهي آهي جيڪا شفٽن ۾ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن 31 ڊسمبر تائين هن آرڊر کي ڊيليور ڪري سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔